جنم گذاريم جن سان

جنم گذاريم جن سان

جنم گذاريم جن سان

جنم گذاريم جن سان (ڪتاب): هي ڪتاب پير صاحب پاڳاري جي چيف خليفي عبدالله فقير مڱريي جي جماعت ۽ سندس مرشد جي يادن تي مشتمل آهي، جيڪي ان 1981ع کان 2007ع تائين مختلف سالن جي ڊائرين ۾ روزمره جي حساب سان لکيون، جيئن ته چيف خليفي جي حيثيت ۾ پوري جماعت جي دعوتن، چوڪين ۽ درگاهه شريف جو سمورو نظام سندس حوالي هو، تنهنڪري حضرت پير سائين جون انهيءَ عرصي دوران جيڪي به سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ دعوتون ٿيون، انهن سمورين دعوتن جي سموري سفر جو منتظم ۽ گائيڊ ڪندڙ عبدالله فقير ئي رهيو. ان ڪري فقير صاحب انهن سمورن علائقن جو چڱيءَ ريت واقف هو ۽ ان بنياد تي ان پنهنجون ڊائريون لکيون جن ۾ پوري سنڌ جي ماڳ مڪانن، ڳوٺن ۽ شهرن جتي جتي حر جماعت آهي، جي بهترين ڄاڻ ڏني آهي. هن نرالي ڄاڻ کي حافظ مـحـمـد يـوسـف سـڪـنـدري ڀـنـڀـري تـرتـيـب ڏئـي سـڪـنـدريه پبليڪيشنز جامعه راشديه درگاهه شريف پير جو ڳوٺ طرفان 1430هه/ 2009ع ۾ شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ فقير صاحب جون يادگار تصويرون ۽ آخر ۾ شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا به ڄاڻايا ويا آهن. چار رنگي ٽائيٽل جي ڪتابت فقير فيض محمد سڪندريءَ جي ٿيل آهي. پڪي جلد ۽ 236 صفحن ۽ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو